سنتوش ڪمار

سنتوش ڪمار

سنتوش ڪمار

سنتوش ڪمار: فلمي اداڪار سنتوش ڪمار جو اصل نالو سيد موسى عباس رضا هو، هو 25 ڊسمبر 1929ع تي لاهور ۾ ڄائو. هن جي جنم کانپوءِ هن جو خاندان ڀارت جي علائقي حيدرآباد دکن ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي هن جو ٻيو ڀاءُ ’درپن‘ ڄائو. هن 19 سالن جي عمر ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ مشهور هدايتڪار ’اي. آر ڪاردار‘ جي صلاح تي هن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن سڀ کان پهرين فلم ’اهنسا‘ ۽ ٻي فلم ’ميري ڪهاني‘ ۾ اداڪاري ڪئي، هي ٻئي فلمون ڀارت ۾ ئي ٺهيون هيون. 1949ع ۾ جڏهن هي پنهنجي خاندان جي فردن سان گڏ واپس لاهور آيو ته هن سڀ کان پهريان مسعود پرويز جي فلم ’بيلي‘ ۾ ڪم ڪيو، ان کانپوءِ هن ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جنهن مان ’دو آنسو‘، ’ديواني دو‘ تمام گھڻيون مشهور ٿيون. هن پاڪستان جي مشهور فلمي اداڪاره صبيحه خانم سان شادي ڪئي، سنتوش پاڪستان توڙي ڀارت جي ڪل 86 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ چن وي، غلام، شهري بابو، قاتل، گھونگھٽ، وعده، انتظار، قسمت، عشق ليلى، سر فروش، سلطنت، حميده، لخت جگر، گلنار، ديور ڀاڀي ۽ ٻيون قابل ذڪر آهن. سنتوش ڪمار 2 جولاءِ 1982ع تي وفات ڪئي.


لفظ سنتوش ڪمارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.12.25  عيسوي

لمي اداڪار سنتوش ڪمار جو اصل نالو سيد موسى عباس رضا هو، هو 25 ڊسمبر 1929ع تي لاهور ۾ ڄائو.


1982.07.02  عيسوي

سنتوش ڪمار 2 جولاءِ 1982ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روپلو ڪولهي
اي جي چانڊيو
ڀڳوان اٽلاڻي
رستم علي سيد مولوي بکري
رند هارون
جيلاني، سيد محمد صالح شاهه ثاني
حقاني محمد حسن
زيب النساء
ڪلپنا چاولا
ابوالحسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون